جناح هائوس حملي ڪيس: عليمه خان جي پٽ شير شاهه جي ضمانت منظور

لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي جي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ڀاڻيجي ۽ عليمه خان جي پٽ شير شاهه جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي۔ تفصيل موجب ڪيس جي ٻڌڻي دوران عليمه خان ۽ عظميٰ خان عدالت ۾ موجود هيون، جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي جي گهر واري مهرين قريشي به عدالت ۾ پهتي. جوابدار شير شاهه جا وڪيل رانا مدثر ۽ بيرسٽر تيمور به عدالت آڏو پيش ٿيا۔ وڪيل رانا مدثر دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ جوابدار جي خلاف اڃا تائين ڪوبه چالان پيش نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ٽرائل جي شروعات ٿي آهي، انهي ڪري شير شاهه کي وڌيڪ قيد ۾ رکڻ جو ڪو جواز نٿو بڻجي۔ هن وڌيڪ چيو ته جوابدار جي خلاف ڪوبه ثبوت ناهي ۽ هو ڪنهن به هنگامي يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث نه آهي۔ وڪيل استدعا ڪئي ته اهڙا جوابدار جن تي شير شاهه کان وڌيڪ سنگين الزام هئا، انهن کي به ضمانت ڏني وئي آهي، تنهن ڪري شير شاهه کي به ضمانت ڏيڻ گهرجي۔ عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو، جنهن کان پوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي شير شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ هڪ لک روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو۔