جيستائين عظيم مائرون پنهنجا ٻار پاڪستان تي قربان ڪنديون رهنديون، ڪوبه اسان کي نقصان نٿو پهچائي سگهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي پٺيان هڪ منظم غيرقانوني اسپيڪٽرم آهي جنهن جي پٺڀرائي مخصوص عناصر ڪري رهيا آهن پر جيستائين عظيم مائرون پنهنجا ٻار پاڪستان تي قربان ڪنديون رهنديون ڪوبه اسان کي نقصان نٿو پهچائي سگهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير بهاوالپور ۾ شاگردن سان ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته پاڪستان الله پاڪ جو عطا ڪيل هڪ انمول تحفو آهي، پاڪستان کي الله ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي. آرمي چيف چيو ته اسان کي ڪڏهن به پنهنجي عقيدي، اسلاف ۽ معاشري قدرن کي نه وسارڻ گهرجي، ملڪي ترقي جي لاءِ اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جي شمع ٻارڻي آهي، بنا ڪنهن  سبب جي تنقيد جي بجاءِ ڌيان پنهنجي ڪارڪردگي ۽ فرضن تي رکڻو آهي. جنرل عاصم منير چيو ته جيستائين عظيم مائرون پنهنجا ٻار پاڪستان تي قربان ڪنديون رهنديون، ڪير به  اسان کي نقصان نٿو پهچائي سگهي، جيستائين قوم خاص طور تي نوجوان پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندا اسان کي ڪير به نقصان نٿو پهچائي سگهي. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته دهشتگردي جي پٺيان هڪ منظم غير قانوني اسپيڪٽرم آهي انهي اسپيڪٽرم جي پٺڀرائي ڪجهه مخصوص عناصر ڪندا آهن، جڏهن به رياست انهي اسپيڪٽرم تي هٿ وجهي ٿي ته انهن جا ڪوڙا بيان ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.