لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله هدايت ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ عورتن ۽ غريب ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر، پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ جي حوالي سان امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو ويندو ۽ قانون ٽوڙيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته امن دشمنن جو رڪارڊ رکيو ويندو ۽ ان کي انهن جي ڪيريئر سرٽيفڪيٽ ۾ واضح ڪيو ويندو.گهرو وزير جو چوڻ هو ته جيل ڀريو تحريڪ جو اصل مقصد ڊرامو ڪرڻ آهي، ميڊيا جو ڌيان ڇڪڻ آهي، جيل ڀريو تحريڪ جو مقصد امن امان جي صورتحال متاثر ڪرڻ ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي.هن هدايت ڪئي ته قانون ٽوڙيندڙن خلاف شاهديون گڏ ڪري عوام سامهون آنديون وڃن، عورتن ۽ غريب ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.گهرو وزير ڪراچي ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي آءِ جي سنڌ ۽ پوليس فورس کي ساراهيو.ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ سڀاڻي لاهور کان شروع ٿيندي.