اسلام آباد: وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ ڊرامو ۽ عمران نيازي ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، اهو ڪهڙو پلستر آهي جيڪو اڃا تائين نه پيو لهي؟ ڪابينا مهانگائي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته صدر عارف علوي غير آئيني ڪم پيو ڪري، آصف زرداري پنهنجي دور ۾ پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو، سي پيڪ ڏنو ۽ ارڙهين ترميم منظور ڪرائي.سندس چوڻ هو ته عمران خان روز ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو پي ٽي آءِ حڪومت ڪيو، جنهن تي عمل مجبور آهي.هن چيو ته آڊيو ليڪ واري عمل کي هوءَ غلط سمجهي ٿي، اهو بهتر عمل ناهي، پر عمران خان آڊيو ليڪ تي خوش ٿيندو هو.