مذهبن بابت وزارت اعلان ڪيو آهي ته حج 2027 لاءِ رجسٽريشن جو عمل 22 جون 2026 کان شروع ٿيندو. خواهشمند شهري وزارت جي مقرر ڪيل آن لائن پورٽل ذريعي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا.وزارت موجب حج 2027 ادا ڪرڻ جا خواهشمند سڀئي ماڻهو رجسٽريشن ڪرائڻ جا پابند هوندا. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پڻ حج 2027 لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهندا.حج پاليسي 2027 تحت خرچن، ڪوٽا ۽ ٻين شرطن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. وزارت واضح ڪيو آهي ته رجسٽريشن کانسواءِ ڪنهن به سرڪاري يا نجي حج اسڪيم ۾ شموليت ممڪن نه هوندي.وزارت مذهبن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ شهرين کي پنهنجي ويب سائيٽ تان تفصيل حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو وقت سر رجسٽريشن مڪمل ڪن ته جيئن بعد ۾ ڪنهن به تڪليف کان بچي سگهن.