يمن ۾ سرگرم سعودي قيادت هيٺ قائم فوجي اتحاد حوثي باغين کي سخت لهجي ۾ خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب يا ان جي اهم مفادن کي نشانو بڻائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو فوري، ڀرپور ۽ غير معمولي فوجي طاقت سان جواب ڏنو ويندو.هي بيان حوثي باغين جي تازي ڌمڪين کانپوءِ جاري ڪيو ويو، جن سعودي عرب تي يمن جي فضائي حدن جي مبينا مسلسل ڀڃڪڙين جو الزام هنيو هو. حوثين چيو هو ته جيڪڏهن اهي مبينا خلاف ورزيون بند نه ڪيون ويون ته هو سعودي عرب جي هوائي اڏن، بندرگاهن، زميني تنصيبات ۽ ٻين حساس هنڌن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.سعودي اتحاد پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته مملڪت جي خودمختياري، قومي سلامتي ۽ شهرين جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اتحاد موجب دفاعي قوتون هر ممڪن جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ ۽ علائقي جي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.علائقائي ۽ دفاعي معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جي سخت بيانن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. سندن خيال آهي ته جيڪڏهن سفارتي ڪوششن ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهي ٿي.