”حيدرآباد ۾ ماسترياڻين جو بغاوتي آواز: پينشن ڪٽوتي خلاف احتجاج“

حيدرآباد ۾ حڪومت پاران پگهار ۽ پينشن اصلاحات جي نالي تي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ الائونس ۾ ڪٽوتي خلاف ماسترياڻين سخت احتجاج ڪيو. گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول بي بي رابعيه بصري (پڪو قلعو) ۾ استانيون گڏ ٿيون ۽ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي هيڊ ماسترياڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هر دور ۾ سرڪاري ملازمن سان ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، پر هن ڀيري حڪومت هڪ نئون نوٽيس جاري ڪري رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ وڏي پيماني تي ڪٽوتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته گروپ انشورنس به ناهي ڏني پئي وڃي، جيڪو ملازمن جو جائز حق آهي.استادائن چيو ته وفاقي حڪومت ٽن صوبن جي ملازمن کي ڊي آر الائونس ڏنو آهي، پر سنڌ جي ملازمن کي ان مان محروم رکيو ويو آهي، جيڪو کليل ناانصافي آهي.احتجاج ڪندڙ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته پينشن ۾ ڪٽوتي واريون ترميمون واپس ورتيون وڃن ۽ ملازمن کي گروپ انشورنس سوڌو سڀ حق ڏنا وڃن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته ملڪ جا سمورا سرڪاري ملازم اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏيڻ تي مجبور ٿيندا.