حڪومت پاران ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جون نيون قيمتون جاري

اسلام آباد – حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي۔ تفصيل موجب: پيٽرول جي في ليٽر قيمت 264 رپيه 61 پئسا تي برقرار رکيو ويو آهي۔ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر گهٽتائي بعد اها 269 رپيه 99 پئسا ٿي وئي آهي۔ لائٽ ڊيزل آئل ۾ 2 رپيه 40 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد اها 159 رپيه 76 پئسا في ليٽر مقرر ٿي آهي۔ڪيروسين آئل (گاسليٽ) جي قيمت ۾ 1 رپيو 46 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد اها 176 رپيه 81 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي۔

نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون اڄ رات کان لاڳو ٿينديون ۽ ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهنديون۔