حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪندي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جون نيون قيمتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 44 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 31 رپيا 5 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 316 رپيا 15 پئسا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 354 رپيا 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.حڪومت موجب نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون ۽ 18 جولاءِ کان 20 جولاءِ تائين اثرائتي رهنديون.