حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

حڪومت پيٽروليم شين جي نون اگهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر هڪ رپيو 97 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 297 رپيا 53 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 309 رپيا 50 پئسا في ليٽر هوندي.
نوان اگهه فوري طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن.