پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته کيس ذهني طور غير مستحڪم قرار ڏيڻ سان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي اها ساک بحال نه ٿيندي، جيڪا سندس چوڻ موجب ملڪ اندر ۽ عالمي سطح تي تيزي سان ڪمزور ٿي رهي آهي.خواجه آصف سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل سال پاڪستان هٿان ملندڙ شڪست کان پوءِ مودي حڪومت جي ساک ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان خلاف بيانبازي يا پروپيگنڊا ڪرڻ سان اها صورتحال تبديل نه ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته راهول گانڌي پڻ مودي کي مليل اعزازن بابت سوال اٿاري چڪا آهن. سندس چوڻ موجب راهول گانڌي جو موقف آهي ته اهي اعزاز يا ته مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ذريعي تيار ڪيا ويا آهن يا وري پاڻ ترتيب ڏنا ويا آهن ته جيئن مودي کي عالمي مدبر اڳواڻ طور پيش ڪيو وڃي.خواجه آصف وڌيڪ چيو ته اهڙن قدمن سان، سندس خيال موجب، نريندر مودي جي عالمي ساک بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻجي رهي آهي۔