خواجه فاروق آزاد ڪشمير جو وقتي وزيراعظم مقرر

مظفرآباد: تنوير الياس جي نااهلي کان پوءِ خواجه فاروق آزاد ڪشمير جو وقتي وزيراعظم بڻجي ويو. آزاد ڪشمير جي صدر جي هدايتن تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.آزاد ڪشمير جي صدر بيرسٽر سلطان محمود وقتي وزيراعظم جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون. نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين سينئر وزير خواجه فاروق احمد وقتي وزيراعظم هوندو. آئين موجب وڌ کان وڌ 14 ڏينهن ۾ وزيراعظم جي چونڊ لازمي آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ وزيراعظم آزاد ڪشمير سردار تنوير الياس کي ڪنهن به عوامي عهدي جي لاءِ نااهل قرار ڏنو هو. آزاد ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ سردار تنوير الياس کي توهين عدالت ڪيس ۾ سزا ٻڌائي. وزيراعظم آزاد ڪشمير کي ٻڌڻي ختم ٿيڻ تائين علامتي سزا به ٻڌائي وئي.عدالت نئين آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو. آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت تي نااهل قرار ڏنو ويو آهي.