خيبر پختونخوا حڪومت رٽائرڊ ۽ فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي ٻارن لاءِ مخصوص نوڪري واري ڪوٽا بابت نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. صوبائي حڪومت سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ سڀني لاڳاپيل کاتن ڏانهن مراسلو موڪلي ڇڏيو آهي.مراسلي موجب 26 سيپٽمبر 2024 کان پوءِ رٽائر ٿيندڙ يا فوت ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي ڪوٽا تحت نئين سرڪاري نوڪري نه ڏني ويندي.
حڪومت لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته 26 سيپٽمبر 2024 کان اڳ وارا التوا هيٺ ڪوٽا ڪيس قانون ۽ عدالتي فيصلن موجب نبيريا وڃن. هر ڪيس جو فيصلو ان جي حقيقتن، قانوني حيثيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو.مراسلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انتظامي کاتا هر درخواست جو الڳ جائزو وٺن ۽ عدالتي حڪمن جي روشني ۾ فيصلو ڪن.خيبر پختونخوا جي هيومن ريسورس کاتي سڀني سرڪاري ادارن ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايتن تي سختي سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته فوت ٿيل ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا سان لاڳاپيل مشڪوڪ يا پيچيده ڪيس قانون واري کاتي ڏانهن موڪليا ويندا.