سيڪيورٽي فورسز جي خيبر ۾ انٽيليجنس آپريشن دوران ميجر ميان عبدالله شهيد ٿي ويو.اءِ ايس پي آر موجب خيبر جي علائقي شڪاس ۾ 5 ۽ 6 جولاءِ جي وچولي رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران آپريشن جي قيادت ڪندڙ ميجر ميان عبدالله شاهه شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر موجب 33 ورهين جي ميجر ميان عبدالله شاهه شهيد جو تعلق ڪوهاٽ سان آهي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته علائقي ۾ موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي فوجين جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.