خيرپور جي پريالو ۾ رشتي جي تڪرار تان فائرنگ، ٻن عورتن ۽ پيءُ-پٽ سميت 6 ڄڻا قتل

خيرپور: پريالو واري علائقي ۾ رشتي جي پراڻي تڪرار تان ناريجو برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل هٿياربند جهيڙي دوران فائرنگ سبب ٻن عورتن ۽ پيءُ-پٽ سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي رشتي جي تڪرار تان جهيڙو وڌي هٿياربند مقابلي ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن دوران شديد فائرنگ ٿي. واقعي ۾ 6 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
مارجي ويلن ۾ سهراب علي، محمد عيدن، فتح محمد، راجا ۽ ٻيا شامل آه، جن ۾ ٻه عورتون ۽ پيءُ-پٽ پڻ شامل آهن.
اقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي.
هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ ملوث جوابدارن خلاف بنا امتياز سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. وڏي وزير واقعي دوران پوليس جي دير سان پهچڻ تي پڻ سخت ناراضگي ظاهر ڪئي آهي.