دادو: ڌاڙيلن جي نيشنل هاءِ وي تي رنڊڪون بيهاري گاڏين مان ڦر جون ڪارروايون، مزاحمت تي فائرنگ، پوليس اهلڪار مارجي ويو

دادو ۾ ڌاڙيلن انڊس هاءِ وي تي رنڊڪون بيهاري مسافر گاڏين مان ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ مسافر کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڌاڙيلن دادو جي تعلقي ميهڙ جي ڏوراهين علائقي ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌاڙيلن مسافر گاڏين کي روڪي ڦر ڪئي، هڪ ڪار ۽ مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪئي ۽ عورتن سميت مسافرن کان زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته مزاحمت ڪرڻ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ جهل مگسي سان تعلق رکندڙ پوليس اهلڪار غلام عباس مگسي فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙن ۾ ڪوچ جو ڪلينر ۽ هڪ ڪار سوار مسافر آهي، لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو ويو آهي.