دبئي:جي هڪ رهائشتي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب ٽي پاڪستاني سميت 16 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا.دبئي پوليس موجب ڊيرا دبئي جي گنجان آباد علائقي الرس جي رهائشي عمارت ۾ باهه لڳي وئي.باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 پاڪستاني به فوت ٿيا آهن جن جو واسطو هڪ ئي خاندان سان هو.شروعاتي جاچ موجب عمارت ۾ باهه کان بچاءَ ۽ حفاظتي رستن جو مناسب انتظام نه هو.دبئي پوليس جو چوڻ هو ته باهه لڳڻ جي سببن تي جاچ جاري آهي.