دنيا جو اهڙو ملڪ جتي 96 سالن کان ڪوبه ٻار پيدا نه ٿيو آهي

هڪ طرف ڀارت دنيا جو سڀني کان وڏي آبادي وارو ملڪ  بڻجي ويو آهي ته اتي ئي پاڪستان ۾ به آبادي جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي. پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته هن زمين تي هڪ اهڙو به ملڪ آهي جتي 96 سالن کان ڪوبه ٻار پيدا نه ٿيو آهي، اهوئي نه پر انهي ملڪ ۾ ڪابه اسپتال به نه آهي. يقينن اوهان سوچي رهيا هوندو ته 21هين صدي ۾ دنيا جو ڪهڙو ملڪ اسپتال کان سواءِ هلي سگهي ٿو؟  اهو ملڪ آهي ويٽي ڪن سٽي جنهن کي دنيا جو سڀني کان ننڍو ملڪ مڃيو ويندو آهي انهي ملڪ ۾ ڪابه اسپتال نه آهي ۽ 96 سالن کان اتي هڪ ٻار به پيدا نه ٿي سگهيو آهي. انهي سوال جو جواب ملڪ جي مذهبي اهميت سان ٻڌل آهي، هن ملڪ جي جوڙجڪ 11 فيبروري 1929ع تي ڪئي وئي، ويٽي ڪن سٽي ڪيٿولڪ چرچ جو روحاني ۽ انتظامي هيڊ ڪوارٽر آهي جتي سمورا مذهبي اڳواڻ خاص طور تي پادري رهندا آهن. اسپتال جي لاءِ ڪيترين ئي درخواستن جي باوجود ويٽي ڪن سٽي ۾ اڄ تائين ڪابه اسپتال نه ٺهي سگهي جيڪي ماڻهو بيمار يا عورتون ڳورهاريون ٿينديون آهن ته انهن کي ٿورو پري روم جي اسپتال  ۾ اماڻيو ويندو آهي. ويٽيڪن سٽي صرف 118 ايڪڙ تي ٻڌل ملڪ آهي، هن ملڪ ۾ ڊليوري جي لاءِ اسپتال نه هجڻ سبب تقريبن هڪ صدي کان ڪوبه ٻار ئي پيدا نه ٿيو آهي. ويٽيڪن سٽي جنهن جي آبادي صرف 899 کان 800 ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ انهن ۾ گهڻو تعداد پادري ۽ مذهبي اڳواڻ شامل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ويٽيڪن سٽي دنيا جي سڀني کان ننڍي ريلوي اسٽيشن جو گهر به آهي جيڪو پو پينس xi جي دور ۾ ٺاهيو ويو. جنهن ۾ 300 ميٽر ڊگها 2 ٽريڪ صرف ڪارگو ٽرانسپورٽ جي لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا. ويٽيڪن سٽي کان علاوه هڪ ٻئي ناياب جڳهه جتي هلندڙ سالن ۾ ڪابه پيدائش ناهي ٿي، پنکيرن بيٽ، برطانوي سمنڊ پار علائقو آهي جنهن جي آبادي 50 ماڻهن کان به گهٽ آهي.