ڪراچي: ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملي ۾ مارجي ويل دهشتگرد ڪفايت الله جي گهر تي فورسز ڇاپو هنيو ۽ سندس گهرڀاتين کان جاچ ڪئي.لڪي مروت ۾ سندس گهر تي ڇاپو هڻي جاچ ڪئي وئي ته مارجي ويل دهشتگردن جي گهرڀاتين پوليس کي ٻڌايو ته ڪفايت الله کي گهر ۾ ٻڌي رکيو هو پر هو 5 مهينا اڳ فرار ٿي ويو هو.هنن چيو ته اسان جو خيال هو ته ڪفايت الله افغانستان هليو ويو آهي پر گذريل ڏينهن خبر پئي ته هو پاڪستان ۾ ئي آهي.دهشتگرد تربيت يافتا هو، سندس واسطو ٽي ٽي پي سان هو ۽ تربيت يافتا هو، هو افغانستان ۾ وڙهندو رهيو آهي ۽ ڪي پي پوليس تي حملن ۾ به ملوث هو.