زهريلي برياني کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

ڪوڪيان والا: مقامي هوٽل جي برياني مان مئل ڇپڪلي نڪرڻ بعد هڪ ئي خاندان جا پنج ڀاتي بيمار ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب متاثر خاندان مقامي هوٽل مان برياني خريد ڪري کاڌي هئي، جنهن کان پوءِ سندن طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي. جاچ دوران معلوم ٿيو ته برياني ۾ مئل ڇپڪلي موجود هئي، جنهن سبب کاڌو زهريلو ٿي ويو هو.متاثر ماڻهن کي فوري طور جنرل اسپتال غلام محمد آباد منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندن معدي صاف ڪيا. حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي پنجن ئي مريضن کي بعد ۾ الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو.متاثرن ۾ 35 ورهين جو بلال، سندس گهرواري ثمينه، 8 ورهين جو فيضان، 6 ورهين جي دعا ۽ 4 ورهين جي مريم شامل آهن. پوليس موجب 8 ورهين جي فيضان جي حالت اڃا تائين ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته مريم ۽ دعا پڻ سخت متاثر ٿيون آهن.پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هوٽل انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي تي غور ڪيو پيو وڃي.