سافڪو طرفان عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو: مدي خارج رسمون وڏي رنڊڪ آهن، سول سوسائٽيءَ کي ذميواريون نڀائڻيون پونديون: سليمان ابڙو

سافڪو گروپ پاران عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جڏهن ته سال 2024 دوران بهتر ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان انعام ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سافڪو هيڊ آفيس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عورتن جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ اپائن جي حوالي سان کيل بحث پڻ ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو گروپ جي باني ۽ سي اي او سليمان جي ابڙو چيو ته ڊگھي سفر باوجود عورتن کي برابريءَ جا حق ڏيارڻ واري منزل ۾ گھڻو وقت لڳندو، پر اسان همٿ نه هاري آهي. هن چيو ته اسلام ۽ ملڪ جي آئين ۾ عورتن کي حق ڏنا ويا آهن، پر اصل مسئلو عمل ڪرڻ ڪرڻ جو آهي، تنگ نظر سوچ ۽ مدي خارج ريتون رسمون عورتن کي سندن حقن کان محروم رکڻ جو وڏو سبب آهن، جن جي خاتمي لاءِ عورتن کي ٻين تي ڀاڙڻ بدران پاڻ به اڳتي وڌي جدوجهد کي تيز ڪرڻو پوندو، ان لاءِ سياسي سماجي، ڪاروباري ڌرين سميت سول سوسائٽيءَ جي سمورن حلقن کي به پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ادا ڪرڻيون پونديون. سليمان جي ابڙو چيو ته پاليسيون ٺاهيندڙن ۽ انهن تي عمل ڪرائيندڙن کي ياد رکڻ گھرجي ته جيستائين عورتن کي صحت ۽ تعليم ڏئي معاشي طور بااختيار نه ڪيو ويندو تيستائين ملڪ نه ترقي ڪري سگھندو نه ئي معاشي بحرانن ۾ نڪرڻ جي ڪا راهه ملندي. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته سافڪو جي ڪاميابين ۾ عورتن جو برابر حصو آهي، ھر مذھب ۾ عورت کي احترام مليل آهي، اسان عورتن کي روشن خيال، بهتر ماحول فراهم ڪرڻ کي يقني بنائي رهيا آهيون، جڏهن ته عورتن تي به گھرجي ته اهي پنهنجي پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪن ۽ مرد سان وک سان وک ملائي هلن.  هن وڌيڪ چيو ته سافڪو جي مالياتي خدمتن مان فائدو وٺندڙن ۾ 65 سيڪڙو تعداد عورتن جو آهي، جڏهن ته ان تعداد کي وڌيڪ 70 سيڪڙو ڪرڻ جو حدف پڻ جلد حاصل ڪري وٺنداسين. سافڪو سپورٽ فائونڊيشن جي سربراهه بشير احمد ابڙو چيو ته سافڪو ملڪ ۾ صنفي برابريءَ جو سڀ کان وڏو مثال آهي، جنهن ۾ اڌ تي اڌ انتظامي عهدا عورتن وٽ آهن، جڏهن ته ڪميوٽنيز ۾ به سافڪو ان حوالي تمام گھڻو ڪم ڪيو آهي. ايس ايم سي فنانس چيف علينا ماريه چيو ته  عورتن کي برابري هر هنڌ ناهي مليل، گھر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڪافي ناهي، پر عورتن کي مالي طور بااختيار ڪرڻ جي به ضرورت آهي. ناديه لاڙڪ چيو ته عورت کي مرد جي برابر حق ڏيارڻ واري جدوجهد سان جيڪي ڪاميابيون مليون آهن، اهي ڪافي ناهن، انڪري جدوجهد کي اڃا تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. فلپائن سان تعلق رکندڙ شيرينا چيو ته اسلام عورتن کي جيڪي حق ڏنا آهن، انهن تي عمل ٿئي ته صنفي برابريءَ جو مسئلو ئي ختم ٿي وڃي. هن چيو ته مرد جيڪي جيڪا به ڪاميابي آهي اها اصل ۾ عورت جي ڪاميابي آهي، ڇو ته هر مرد جي ڪاميابيءَ پويان عورت جو ڪردار هوندو آهي.  ڊاڪٽر اقرا شعيب چيو ته عورت کي هر شعبي ۾ اڳتي اچڻ گھرجي ۽ حضرت بيبي خديجت الڪبريٰ جي نقش قدم تي هلي ڪاروبار ۽ سماج لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪرڻ کپي. ماهنور ابڙو چيو ته عورتن کي تعليم ۽ صحت سميت هر شعبي ۾ اڳواڻيءَ جو موقعا فراهم ڪري سندن رهنمائي ۽ همٿ افزائي ڪئي وڃي. شاهد حسين ٻرڙو، فلڪ علي، ثمينه بلوچ، ، سعديا ٽالپر،  بيلا ڀاٽيا، شهزادي حنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته سال 2024 دوران بهتر ڪارڪردگيءَ تي ملازمن خاص طور عورت ملازمن روڪ انعام ۽ اعزايزي شيلڊون پڻ ڏنيون وينديون.