ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت درخواست تي ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت درخواست ٻڌڻي ٿي.عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي وڃي، ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ فوج ۽ رينجرز کي شامل ڪيو وڃي.عدالت آءِ جي سنڌ، وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽرين کي 2 مارچ تي طلب ڪري ورتو.ايس ايس پي گهوٽڪي پاران آپريشن لاءِ جديد هٿيار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي.ايس ايس پي گهوٽڪي موقف اختيار ڪيو ته جديد هٿيار ڏنو 6 مهينن ۾ ڪچو خالي نه ٿيو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته ڌاڙيل ڪجهه به ناهن، انهن جا مددگار سردار آهن، ڏهه سردارن ۾ هٿ وجهو سمورا ڌاڙيل پوليس وٽ پيش ٿيندا، سردار نٿا چاهن ته سنڌ ۾ امن امان قائم ٿئي.هن وڌيڪ چيو ته ضرورت پئي ته وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي به گهرائينداسين، هاڻي چپ نٿا ويهي سگهون.