تازو استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) ۾ شامل ٿيندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي پارٽي ۾ اهم ذميواري ڏني وئي آهي.پارٽي قيادت سردار تنوير الياس کي استحڪام پاڪستان پارٽي ڪشمير جو صدر، جڏهن ته نثار عنصر ابدالي کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي.گذريل ڏينهن سردار تنوير الياس وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه عبدالعليم خان سان ملاقات بعد پنهنجي ساٿين سميت پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو.ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي زراعت واري وزير چوڌري علي شان سوني، اڳوڻي صحت واري وزير انصار ابدالي ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي صلاحڪار سردار افتخار رشيد پڻ استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيا.عبدالعليم خان نون شامل ٿيندڙ اڳواڻن کي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سندن شموليت سان پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، جڏهن ته نون اڳواڻن پارٽي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو۔