نئين مالي سال جي شروعات ۽ گذريل مالي سال جي اختتام تي سڀاڻي 3 جولاءِ تي به سڄي ملڪ جون سموريون ڪمرشل بينڪ ۽ ٻيا مالياتي ادارا بند رهندا. جڏهن ته اڱاري 4 جولاءِ تي سموريون سرڪاري ۽ نجي بينڪس ۽ مائيڪرو فنانس ادارا معمول موجب کليل رهندا.
جاري ڪيل پڌرائي موجب سومر جي ڏينهن سڄي ملڪ جون بينڪون ۽ مالياتي ادارا عوام کان ڏيتي ليتي جي لاءِ بند رهندا جڏهن ته بينڪ جو عملو گذريل مالي سال جي حساب جي جانچ پڙتال لاءِ معمول موجب ڪم ڪندو.ياد رهي ته پاڪستان ۾ هر سال 31 ڊسمبر تي ڪلينڊر ايئر جو اختتام ٿيندو آهي ۽ پهرين جنوري کان بينڪ ۽ مالياتي ادارا عوام کان ڏيتي ليتي جي لاءِ بند رهندا آهن. جڏهن ته 30 جون تي مالي سال ختم ٿيندو آهي جنهن سبب پهرين جولاءِ تي بينڪ ۽ مالياتي ادارا بند هوندا آهن.