سعودي عرب حڪومت 24 ڪلاڪ ڪاروبار هلائڻ بابت نوان ضابطا لاڳو ڪري ڇڏيا آهن، جن تحت ڪاروباري ادارا مقرر ڪيل سالياني فيس ادا ڪري ڏينهن رات پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهندا. نون قانونن جو مقصد ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.سعودي گزيٽ موجب 24 ڪلاڪ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل بلديه ۽ پوليس کان اڳواٽ منظوري وٺڻ، صحيح ميونسپل لائسنس رکڻ ۽ اليڪٽرانڪ پرمٽ حاصل ڪرڻ لازمي هوندو. هي اجازت نامو خاص طور رات 12 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين ڪاروبار جاري رکڻ لاءِ گهربل هوندو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۽ عيدن دوران الڳ موسمي ضابطا لاڳو رهندا.ن ضابطن تحت بلديات ۽ هائوسنگ واري وزارت کي اختيار ڏنو ويو آهي ته اها 24 ڪلاڪ ڪاروبار لاءِ سالياني فيس مقرر ڪري، جنهن جي وڌ ۾ وڌ حد هڪ لک سعودي ريال هوندي. ساڳئي وقت عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪجهه ڪاروباري سرگرمين کي فيس کان ڇوٽ ڏيڻ جو اختيار پڻ وزيرِ بلديات وٽ هوندو.ضابطن موجب انساني وسيلن ۽ سماجي ترقي واري وزارت ملازمن جي وڌايل ڊيوٽي ڪلاڪن بابت قانون ۽ هدايتون تيار ڪندي، جيئن سعودي ليبر قانون ۽ لاڳاپيل ضابطن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، جڏهن ته ڪاروباري ادارن لاءِ مقرر ڪيل سالياني فيس ادا ڪرڻ پڻ لازمي هوندو.