رياض: سعودي عرب ۾ سال 2023ع جي رمضان شريف جو پهريون روزو 23 هين مارچ خميس جي ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب سعودي عرب جي القصيم يونيورسٽيءَ ۾ فلڪيات جي اڳوڻي پروفيسر ۽ موسميات جي سوسائيٽي جي ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله المسند موجب هلندڙ سال ڀلاري مهيني جو پهريون روزو خميس 23 هين مارچ 2023 ع تي ٿيڻ جو امڪان آهي.هن چيو ته هن ڀيري شعبان 30 ڏينهن جو ٿيندو ڇاڪاڻ ته 29 هين شعبان (21 هين مارچ) اڱاري تي چنڊ سج لهڻ کان اٽڪل نوَ منٽ پهريان لڪي ويندو.هن ٻڌايو ته چنڊ ۽ سج جو ميلاپ 29 هين شعبان يعني 21 هين مارچ جي شام اٺ لڳي 23 منٽن تي ٿيندو، انڪري رمضان جو پهريون روزو 23 هين مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ گڏيل عرب رياستن ۾ فلڪياتي انجمن جي سربراهه ابراهيم الجروان پڻ اِهو ئي چيو هو ته هلندڙ سال رمضان جو پهريون روزو خميس 23 هين مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن عيدالفطر 21 اپريل جمعي جي ڏينهن ٿيڻ جا آثار نظر اچي رهيا آهن.