سمن سرڪار جا پانڌيئڙا حادثي جو شڪار، ٻارڙن جي فوتگي تي علائقي ۾ سوڳ

پنگريو ويجهو پانڌيئڙن سان ڀريل سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 4 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔حادثو پنگريو شگر ملز وٽ پيش آيو، جتي پانڌيئڙن سان ڀريل سوزوڪي جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب اها ڪلٽي ٿي پئي۔ حادثي ۾ 3 ٻارڙيون ۽ هڪ ٻارڙو ٿڏي تي دم ڏئي ويا۔فوتي ٻارڙن جي سڃاڻپ ماجد علي، سپنا، شڪريا ۽ شڪرانا طور ٿي آهي، جن جا لاش تعلقه اسپتال ٽنڊو باگو منتقل ڪيا ويا۔ زخمين ۾ طفيل احمد رند، سهيل رند، محرم، نسيمان، مدثر، اقصيٰ، ماجد، عرفانه ۽ ٻيا شامل آهن، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي۔وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي ڊي سي بدين کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر خاندانن سان رابطو ڪيو وڃي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔