سنڌو درياء مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌو درياء مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ۽ سول سائيٽي پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو احتجاجي مظاھري ۾ شامل ماڻھن سنڌو تي ڌاڙو نامنظورـ سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ نامنظورـ پاڻي خاطر جھيڙو آ جي شديد نعريبازي ڪندي صدر پريس ڪلب لياقت علي کوسوـ يونين آف جرنسلٽ جي صدر علي حسن ملڪ ـ سينئر صحافي راجا گوپي چندـ حفيظ ملڪ ـ شھري اتحاد جي ڊاڪٽر ميھر چندـ ايس يو پي جو دلمراد ڏاھاڻي ـ ايس ٽي پي جي اڪرم باجڪاڻي ـ جماعت اسلامي جي غلام مصطفي ميراڻي ـ قومي عوام تحريڪ جي فدا حسين محمداڻي ـ جسقم جي والي ڏنو سنڌي ـ جسم جي عباس باجڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ڪينال ڪڍڻ سنڌ خلاف ھڪ وڏي سازش آهي ڪينال ڪڍي سنڌ جي زمين کي بنجر بڻايو پيو وڃي اڳ ۾ به سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي سنڌو درياء سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهي پاڻي کان بنا سنڌ نه رھندي اھڙي سازش ڪندڙ ڪن کولي ٻڌن 6 ڪروڙ سنڌي عوام ڪڏھن به ڪينال قبول نه ڪندا پاڻي خاطر مرڻ ۽ مارائڻ لاء به سنڌ جي عوام تيار آهي ڪينالن خلاف سنڌ جي عوام جو واضع موقف آھي ته سنڌو درياء جو سوڌو قبول نه ڪنداسي جيڪڏهن سنڌو درياء تي ڪينال ٺاهڻ وارو منصوبو رد نه روڪيو ويو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھوندي جنھن کي روڪڻ وفاق جي وس کان ٻاھر ھوندو