سنڌ: آئي جي پوليس جي حڪم تي ٻاھرن ضلعن کان آيل نفري جيڪي گڊو پل ۽ لوهي پل تي غوثپور ٿاڻو سميت مختلف ٿاڻن تي 15 پوليس اھلڪارن ڏنا ويا آھن انھن جو ھڪ نئو انڪشاف ٿيو آھي انھن جو چوڻ آهي ته اسان کي چار ڏينھن ٿي ويا آھن ڪا به سھولت ميسر ناهي نه ئي رات جو سڪون ۽ نه ئي ڏينھن جو آرام آھي اسان سان اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري پئي نه ڏينھن جي ماني نه رات جي ماني اسين هتي بکون پيا ڪاٽيون ھڪ ضلعي کان ٻي ضلعي ۾ ڊيوٽي ڪيون ٿا پگهار ئي پوري ساري آھي گھر ۾ ٻچن کي ڏيون يا پاڻ کائون ضلعي کان ئي ڊيوٽي ٻاھر ڪيون ٿا ايس ايڇ او اي سيڪشن جو مڪمل تعاون ڪونهي پڇون ته آخر ڪنھن کان پڇون اسان پوليس مجاھدن جو قصور ڪھڙو آ هڪ طرف ايس ايس پي صاحب جو بهتر ڪم جو ٻاهرين ضلعن مان پوليس نفري گهرائي ڌاڙيلن جا رستا بند ڪيا ويا آھن اتي اسان جي سنڌ پوليس جي جوانن سان اي سيڪشن ٿاڻي جي گڊو چوڪي ۽ لوهي پل چوڪي تي موجود جوانن سان وڏي ويڌن ڪئي پئي وڃي چوڪي ۾ موجود 15 پوليس اهلڪارن کي دنيا جون جديد سهولتون مهيا ڪيون ويون آھن افسوس انهن چوڪن تي موجود پوليس اهلڪارن کي ا نسان به نٿو سمجهو وڃي اسين جڏهن انهن چوڪن تي موجود اهلڪارن سان ڳالهائڻ چاهيو ته انهن نوڪري وڃائي ويهڻ جي بھو کان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ڏک جي ڳالھ اها آھي ته اي سيڪشن جي انهن چوڪين تي 15 پوليس اهلڪارن لاء صرف هڪ کٽ موجود هئي نه باٿروم نه نلڪو نه بجلي آخر هنن پوليس اهلڪارن کي ڪٿي سمهاريو ويندو چوڪي جي ڇت به ايتري ڪمزور هئي جو چند پوليس اهلڪار ڇت تي چڙهيا ته ڇت به ڊھي پوندي ڪروڙين روپيه آيل بجيٽ ڪٿي خرچ پيو ٿي هي جوان ته گرمي ۾ به بي هوش ٿي ويندا آئي جي صاحب هن پوليس چوڪين کي سهولتون مهيا ڪيون وڃن اي سيڪشن جي حد مان لکين رپيا جي منٿلي اوڳاڙي ٿي رهي آهي جيڪا خبر ناهي ڪنهن جي خزاني ۾ جمع پئي ٿي وڏو منشي خود اوڳاڙي ۾ مصروف هجي ٿو جيڪڏهن ان مجهان ڪجهه هزار خرچ ڪري نون آيلن پوليس اهلڪارن کي کٽون يا ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهلڪار چاھ ۽ لڳن سان پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا