سنڌ: جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي باوجود ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري

سڄي ملڪ ۾ جتي سخت گرمي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اتي ئي بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين کي وڌيڪ اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب عوام مجبور ٿي روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن.ڪراچي جي علائقي حسن اسڪوائر جي علائقي جي رهواسين ڊگهي لوڊشيڊنگ تي احتجاج ڪيو ۽ روڊن تي نڪري آيا شهرين رات دير تائين روڊ کي بند ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو 4 کان 14 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي. اولڊ سٽي ايريا جي علائقن ۾ 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته لانڍي، ڪورنگي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ان کان علاوه ڪي اليڪٽرڪ طرفان مينٽيننس جي نالي تي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي بندش جو سلسلو جاري آهي.لاڙڪاڻي ۾ سخت گرمي دوران شهري ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي کان محروم آهن شهرين عيد جي ڏينهن ۾ به بجلي کان سواءِ ئي گذارو ڪيو.سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني(سيپڪو) اختيارين جو چوڻ آهي ته هاءِ ٽينشن پاور لائن جي مرمت جو ڪم ڪافي حد تائين مڪمل ڪري ورتو آهي شهر جي 27 فيڊرز جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي.هوڏانهن بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو جي علائقي تمبو ۾ 10 کان ڏينهن کان بجلي بند آهن. ان دوران علائقي جي رهواسين احتجاج ڪندي سبي ڪوهلو شاهراهه بند ڪري ڇڏي.حيدرآباد ۾ به بجلي جي اکٻوٽ جو سلسلو جاري آهي. اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو ڏينهن به ڏينهن وڌندو پيو وڃي. بجلي جي اکٻوٽ سبب ڪاروباري طبقو سخت پريشاني جي ور چڙهيل آهي جڏهن ته سخت گرمي دوران شهري به اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن.