ڪراچي: سنڌ حڪومت طرفان 78 لک خاندانن کي سستو اٽو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اٽي جي مد ۾ ساڍا 15 ارب رپيا فراهم ڪندي، 2 هزار رپيا في خاندان کي اٽي خريد ڪرڻ جي مد ۾ فراهم ڪيا ويندا.هن چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي رليف ڏئي رهيا آهيون، 8171 تي ميسيج ڪري سڃاڻپ ڪارڊ نمبر سينڊ ڪيو وڃي، سستي اٽي جي رقم حبيب بينڪ لميٽيڊ جي برانچ مان ملي سگهندي.سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن جي آمدني 50 هزار رپين کان گهٽ آهي، اهي فائدو حاصل ڪري سگهندا، ڊيٽا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان ورتي ويندي، جيڪڏهن ڪير پاڻ کي حقدار سمجهي ٿو ته بي آءِ ايس پي سينٽر سان رابطو ڪري سگهي ٿو.شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت 65 رپيا في ڪلو اٽو فراهم ڪندي، گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، جيڪڏهن خاندان وڌي ويا ته به انهن کي سهولت ڏينداسين.صوبائي وزير موجب ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، منافعو ڪمائيندڙن جو سامان ضبط ڪري ان کي وڪرو ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت پاران تعلقي سطح تي رمضان مهيني ۾ بچت بازارون به لڳايون وينديون.