سنڌ :حڪومت جي اعلان موجب ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ضلعي ڪشمور اندر ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيل ماڻھن جي وارثن ۾ سنڌ حڪومت طرفان امداد جا چيڪ ورھايا

سنڌ :حڪومت جي اعلان موجب ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ضلعي ڪشمور اندر ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيل ماڻھن جي وارثن ۾ سنڌ حڪومت طرفان امداد جا چيڪ ورھايا ـ ھن وڌيڪ 12 فوتي جي وارثن ۾ في ماڻھو 10 لک رپين جو چيڪ ورھايو. فوت ٿي ويل ۾ علي جان , ,محمد علي , ,نور دين,امنه بي بي ,مسمات شهزادي ,بي بي فرحه عبدالباقي , صاحب خاتون ,اسمه ,محمد علي ,اعجاز احمد ۽ نواب علي جي وارثن ۾ چيڪ ورهايا . ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيل ماڻھن اندر 10 لک في ماڻهون ۾ ورهائڻ جو سلسلو ٻڄاڻي تي پهچي چڪو آهي. 30 فوتي وارٽن جا چيڪ اچي چڪا آهن جنهن مان 25 فوتي وارٽن کي چيڪ ڏئي چڪا آهيون. ۔جلد وڌيڪ فوت ٿي ويل وارثن اندر چيڪ ورهايا ويندا. ياد رهي ڪشمور ضلعي اندر گذريل ٻوڏ ۽ برساتن سبب 31 انساني جانيون ضايع  ٿيون .