سنڌ ۾ اٽي جو ڪو به بحران نه ٿيندو، گودامن ۾ ڪروڙين بورين جو اسٽاڪ موجود: عبدالجبار خان

ڪراچي: سنڌ جي وزيراعليٰ جي خاص معاون خوراڪ عبدالجبار خان چيو آهي ته سنڌ ۾ اٽي جو ڪو به بحران پيدا نه ٿيندو، ڇو⁠تہ سرڪاري گودامن ۾ هن وقت ڪڻڪ جون هڪ ڪروڙ ٽيھ لک بورين جو اسٽاڪ موجود آهي، جيڪو صوبي جي ضرورتن لاءِ ڪافي آهي ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري رهيا آهن۔ هن چيو ته ڪڻڪ جي رليز پاليسي اڃا جاري نه ٿي آهي، پر مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو۔ عاون خاص چيو ته هن وقت 100 ڪلوگرام ڪڻڪ جي ٻوري 9400 رپين ۾ ملي رهي آهي، جيڪا اڳتي هلي وڌيڪ مهانگي ٿي سگهي ٿي۔ پنجاب حڪومت طرفان پنهنجي صوبي مان ڪڻڪ کڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، پر سنڌ ۾ وافر ذخيرن سبب ڪنهن به قسم جي بحران جو خطرو ناهي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪچي جي علائقن ۾ برساتن ۽ ممڪن سيلاب جي ڪري نقصان ٿي سگهي ٿو، پر حڪومت اڳواٽ قدم کڻي چڪي آهي۔ عبدالجبار خان چيو ته ڪڻڪ جي چوري يا خردبرد بابت ڪا به شڪايت ناهي، ۽ سمورو اسٽاڪ مڪمل رڪارڊ سان محفوظ آهي۔ معاون خاص وضاحت ڪئي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو۔ بئنڪن جي وڌندڙ شرحن سبب مستقبل ۾ اٽي جي قيمتن تي اثر ٿي سگهي ٿو، پر حڪومت ان لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي۔ هن عوام کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت اٽي جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ ۽ شفاف ورهاست لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، ته جيئن صوبي جي عوام کي ڪا به تڪليف پيش نه اچي۔


ڇ