سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ جو خدشو آھي ارسا ايڊوائزري جاري ڪري ڇڌي

سکر سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ارسا ڪاميٽي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي. ارسا ايڊوائزري بابت سنڌو درياھ ۾ ھلندڙ سال 30 اپريل کان 30 جون تائين پاڻي جي کوٽ 37 سيڪڙو تائين پھچي سگهي ٿو. پاڻي جي کوٽ مامري تي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي چيف انجنيئرن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي زرعي پاڻي جي کوٽ بابت اپاءَ وٺڻ لاء ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ھلندڙ سال پاڻي جي کوٽ گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي جنھن مطابق پاڻيءَ جي کوٽ 37 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج عبدالعزیز سومرو مطابق گذريل سال پاڻي جي کوٽ 30 سيڪڙو ٻڌائي وئي هئي. پر اھا کوٽ 65 سيڪڙو تائين ريڪارڊ ڪئي وئي هئي. جيڪڏهن ھلندڙ سال برسات گھٽ ٿي ته پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پھچي سگهي ٿي