سنڌ ۾ مها ٻوڏ جو خطرو، تياريون تيز ڪرڻ جو فيصلو: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي موجب سنڌ مان 11 لک ڪيوسڪ تائين وهڪرو گذرڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب مها ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي۔ڪشمور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسان جي پهرين ترجيح انساني زندگين ۽ لائيو اسٽاڪ جي حفاظت آهي۔ جيڪڏهن پاڻي جو وهڪرو 9 لک يا 10 لک ڪيوسڪ تائين به پهچي ٿو ته ڪچي جا علائقا ٻڏي ويندا، تنهنڪري ضلعي انتظاميا کي سموري ڄاڻ ڏئي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔هن چيو ته ضلعي انتظاميا کي اين ڊي ايم اي سان گڏجي مڪمل تياري ڪرڻي آهي، جڏهن ته فوج به رابطي ۾ آهي ۽ اسٽينڊ باءِ تي موجود آهي۔ اين ڊي ايم اي جون 192 ٻيڙيون به ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون۔سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته ڪٿي به بند نه ٽٽي، پر جيڪڏهن 8 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي اچي ٿو ته شينڪ بند لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو۔ اسان سڀني کان وڌيڪ انساني زندگين ۽ چوپاين جي حفاظت کي اوليت ڏينداسين، ۽ عوام کي اپيل آهي ته اهڙي وقت ۾ انتظاميا سان وڌ کان وڌ تعاون ڪن۔وڏي وزير چيو ته پاڻي 48 ڪلاڪن اندر لهڻ جي اميد آهي، جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن کي سندن گهرن تائين جلد پهچائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا۔ هن واعدو ڪيو ته ڪچي ۾ جن جي گهرن کي نقصان ٿيندو، انهن لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي نوان گهر ٺهرايا ويندا۔مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته فصلن جي نقصان جو به جائزو ورتو ويندو ۽ حڪومت ان جي ذميواري پاڻ تي کڻندي۔ عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، حڪومت هر قدم تي اوهان سان گڏ آهي۔ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، مڪيش ڪمار چاولا، سيد ناصر شاهه ۽ پ پ جي اعليٰ قيادت به موجود هئي۔