سنڌ: ۾ گئس جو بحران وڌي ويو، شهري سحري ۽ افطاري دوران سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

ڪراچي: سنڌ ۾ بجلي کان پوءِ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي جنهن سبب شهرين کي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سحري ۽ افطاري ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.قدرتي طور تي گئس ۽ تيل سان مالا مال سنڌ صوبو پاڪستان کي گڏيل طور تي گئس جي پيداوار جو 63 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ڏيندو آهي پر وڏي پيماني تي گئس جي پيداوار باوجود سنڌ جا رهواسي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب سخت عذابن کي منهن ڏئي رهيا آهن.رمضان المبارڪ ۾ خاص طور تي سحري ۽ افطاري جي تيارين دوران گئس نه هجڻ ۽ گهٽ پريشر سبب عورتن کي وڏين پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته گئس جا وڏا بلز معمول موجب اچي رهيا آهن.شهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت وفاق سان رابطو ڪري گئس جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.