ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ الآصف اسڪوائر ويجهو مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا.پوليس موجب اسنيپ چيڪنگ ۽ گشت دوران هٿياربند ملزمن سان مقابلو ٿيو، جنهن دوران ملزمن پوليس تي فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ملزم موقعي تي ئي مارجي ويا. لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ملزمن وٽان هٿيار ۽ مبينا طور تي ڦر ٿيل سامان هٿ آيو آهي، جڏهن ته انهن جي سڃاڻپ ۽ ڪرمنل رڪارڊ جي تصديق جاري آهي.ٻئي طرف صوبائي راڄڌاني جي علائقي سرياب قمبراني روڊ تي به پوليس ۽ ڏوهاري عنصرن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ملزم مارجي ويو ۽ ٻه زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا.پوليس موجب مارجي ويل ملزم جي سڃاڻپ نصرالله طور ٿي آهي، جڏهن ته سندس ساٿي اسدالله ۽ ظفرالله زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ۽ مارجي ويل ملزمن وٽان هٿيار، شهري کان ڦر ٿيل 11 موبائل فونز ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ آئي آهي، ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔