سوئيڊن جهڙي ناقابل برداشت حرڪت ٻيهر ٿي ته اسان کي نه چئجو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي ناقابل برداشت حرڪت ٻيهر ٿي ته پوءِ اسان کي نه چئجو.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سوئيڊن ۾ ناپاڪ حرڪت جي ڀرپور قوت سان مذمت ڪنداسين، سوئيڊن واقعي خلاف اثرائتي انداز ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو وڃي، ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا سڄي دنيا جي فورمز ۾ سفارشون پهچائي.هن چيو ته اسان سڀني مذهبن جو احترام ڪيون ٿا پر اسلامو فوبيا ۽ اسلام خلاف باهه وڌندي پئي وڃي، سوئيڊن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، ان واقعي تي اربين مسلمانن جي دل آزاري ٿي.سندس چوڻ هو ته واقعو مسلمانن ۽ عيسائين کي وڙهائڻ جي سازش آهي، هڪ ملعون کي پوليس جي موجودگي ۾ ناپاڪ حرڪت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، سوئيڊن جي حڪومت اهڙو واقعو ڇو ٿيڻ ڏنو، سڄي دنيا کي ٻڌايو وڃي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿا ڪري سگهون.وزيراعظم چيو ته نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم مسلمانن سان ڀاڪر پاتا ۽ کين ڀرپور تحفظ ڏنو، جيسنڊا آرڊن جي قدمن کي مسلم دنيا سدائين ياد رکندي، مان هن معاملي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان رابطي جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، کيس فوري طور گڏيل قومن جو اجلاس گهرائڻ گهرجي.شهباز شريف چيو ته صبر جو مطلب اهو ناهي ته اسان کي جواب ڏيڻ نٿو اچي، سڀاڻي جمعي جي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين، سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي گڏجي ريليون ڪڍڻ گهرجن، دنيا کي ٻڌايو وڃي ته اها ناقابل برداشت حرڪت ٻيهر ٿي ته پوءِ اسان کي نه چئجو.