سون جي اگهه ۾ هڪ ڌڪ ۾ وڏي گهٽتائي

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي ملهه ۾ 1400 رپين جي وڏي گهٽتائي آئي آهي.اڄ پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب اهڙي گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جو ملهه هڪ لک 95 هزار 600 رپيا ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جو ملهه 1201 رپيا گهٽجي هڪ لک 67 هزار 695 رپيا ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو ملهه 8 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 840 ڊالر في اونس رهيو.