سون جي قيمت ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن واڌ

ملڪ: ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن واڌ رڪارڊ ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 600 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 8 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 515 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 78 هزار 670 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 12 ڊالر واڌ سان 1917 ڊالر في اونس آهي.