سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اوچتو نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن کي ماهرن عالمي معاشي حالتن، وياج جي شرح ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاري جي رجحان ۾ تبديلي جو نتيجو قرار ڏنو آهي.تجزيه ڪار موجب آمريڪا سميت دنيا ڀر ۾ انٽرسٽ ريٽس وڌڻ سبب سيڙپڪارن سون ۽ چاندي مان پئسو ڪڍي فڪسڊ انڪم ۽ ٻين محفوظ سيڙپڪاري جي ذريعن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. ساڳئي وقت ڊالر جي استحڪام سبب به سيڙپڪارن قيميتي ڌاتون وڪڻي ڊالر ۾ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏني آهي.ماهر تجزيه ڪار محمد سهيل چيو ته وچ اوڀر جي جنگي صورتحال ۽ تيل جي قيمتن ۾ ممڪن واڌ جي امڪان سبب سيڙپڪارن سون ۽ چاندي مان رقم ڪڍي توانائي ۽ فرٽيلائزر شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ-19 کانپوءِ سيڙپڪاري جي انداز ۾ وڏو تبديلي آئي آهي، جڏهن نئين نسل جا سيڙپڪار مارڪيٽ ۾ داخل ٿيا جن جا فيصلا گهڻو ڪري سوشل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت (AI) جي مشورن تي ٻڌل هوندا آهن، جنهن سبب قيمتي ڌاتن ۾ تيز اتار چڙهاؤ ڏسڻ ۾ آيو آهي۔