سيف سٽي جي تڪڙي ڪارروائي: سوشل ميڊيا تي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار گرفتار

پنجاب سيف سٽي اٿارٽي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم جي مدد سان 16 ورهين جي هڪ نينگري کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري ورتو آهي۔متاثر نينگري سيف سٽي جي نيڪسٽ جنريشن سيفٽي ايپ جي اينانيمس چيٽ فيچر ذريعي شڪايت داخل ڪرائي ته هڪ نوجوان کيس مسلسل هراسان ڪري رهيو آهي ۽ سندس ڳالهه نه مڃڻ جي صورت ۾ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي۔ نينگري ٻڌايو ته ان صورتحال سبب هوءَ شديد ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ خودڪشي جا خيال به ذهن ۾ اچي رهيا آهن۔شڪايت ملڻ کان پوءِ سيف سٽي جي عملي جديد ڪيمرائن ۽ ڊجيٽل نگراني واري نظام جي ذريعي فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار جو پتو لڳايو ۽ کيس گرفتار ڪري ورتو۔ اختيارين موجب شهرين، خاص طور عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو مؤثر استعمال جاري رکيو ويندو۔