سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجي ملازمن لاءِ اهم فيصلو ڪندي يوٽيلٽي الائونس ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان ان واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ۽ اهو فيصلو پهرين جولاءِ 2026 کان لاڳو ٿيندو.نئين فيصلي مطابق گريڊ 1 کان 6 تائين الائونس 6 هزار مان وڌائي 12 هزار روپيا ڪيو ويو آهي.گريڊ 7 کان 10 تائين الائونس 8 هزار مان وڌائي 16 هزار روپيا ڪيو ويو آهي.گريڊ 11 کان 15 تائين الائونس 10 هزار مان وڌائي 20 هزار روپيا ڪيو ويو آهي.
گريڊ 16 جي آفيسرن لاءِ الائونس 12 هزار مان وڌائي 24 هزار روپيا مقرر ڪيو ويو آهي۔