سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف سکر جا شهري روڊن تي نڪري آيا سول سوسائٽي ۽ وائيس آف سکر پاران مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،

سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف سکر جا شهري روڊن تي نڪري آيا سول سوسائٽي ۽ وائيس آف سکر پاران مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،تفصيل موجب سکر جي عوام وڌندڙ مهانگائي کي نه قبوليندي سول سوسائٽي، وائيس آف سکر ۽ سماجي معززن پاران احتجاجي ريلي شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندي گهنٽا گهر چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته مظاھرين جو چوڻ هو ته حڪومت جي هن هر ڏينهن وڌنڌڙ مهانگائي ۾ هر عوام جيڪو ٻن ويلن جي گهرھ لاءِ محنت ڪرڻ باوجود هو پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڪجهه به نٿو وٽهي سگهي، جڏهن ته سياستي عملدارن وٽ ڊبل ڊور ۽ پروٽوڪول سان گهمن ٿا، جڏهن ته غريبن لاءِ اٽو ۽ خائڻ پيئڻ جي شئن سان گڏ هر اها شيئ جيڪا تن ڊهڪڻ لاءِ مهناگي ٿي وئي آهي، مزدوري طرف ڏسجي ته ڪا غريب مزدور جي مزدوري سهي نٿي ملي، ماڻهو غربت سبب خودڪشي پياڪن پر پو به ڪرسي دارن تي فرڪ نٿو پئي، وڌيڪ مظاھرين حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته هي هر روز وڌنڌڙ مهنگائي خلاف ڪي اسرائتا اقدام کڻي جلد جلد عوام کي رليف ڏنو وڃي.