سکر:سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار خان برسات متاثرن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ڌرين جا وڪيل ۽ لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا۔عدالت پاران جوڙيل ڪميٽي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي۔

سکر:سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار خان برسات متاثرن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ڌرين جا وڪيل ۽ لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا۔عدالت پاران جوڙيل ڪميٽي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي۔ ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر راجپوت پبلڪ پراسڪيوٽر کان پڇا ڻو ڪيو ته ۔سنڌ فلڊ رليف ايمرجنسي پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر ڪيئن مقرر ٿيو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي قابليت ۽ تجربو ڪيترو آهي۔ پي ڊي ايم اي جي آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته نوشهروفيروز، خيرپور مان 90 سيڪڙو پاڻي ڪڍيو ويو آهي. سکر ۽ گهوٽڪي ۾ شهرن ۽ ڳوٺن مان 90 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعن مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ درياهه جي ٻنهي پاسن تي ڊرون ٺاهيا ويندا، جيڪڏهن حڪومت اها اسڪيم منظور ڪري ته پوءِ ڊرون ٺاهيا ويندا.ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ شبير شرعدالت کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته  خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج جي علائقن ۾ اڃا پاڻي موجود آهي جڏهن ته ناڻي کاتي پاران فنڊ جاري ناهي ڪيو جنهن ڪري برساتي پاڻي نيڪال وارو ڪم سخت متاثر ٿي رهيو آھي رليف نه ملڻ سبب هن وقت به ڪيترائي خاندان اڃان تائين بي گهر آھن  جنهن بعد  جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏنا ته اسان وٽ رڳو ٽي مهينا آهن، پوءِ برساتون پونديون، بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي. عدالت جلد کان جلد ضروري فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.