سکر:يوم علي جي موقعي تي سکر ۾ ماتمي جلوس جي گذرندڙ رستن کي رڪاوٽون قائم ڪري بلاڪ ڪيو ويو

سکر: يوم علي جي موقعي تي سکر ۾ ماتمي جلوس جي گذرندڙ رستن کي رڪاوٽون قائم ڪري بلاڪ ڪيو ويو، عزادار حسين سميت مسافر گاڏين ۽ شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.تفصيل موجب سيدنا حضرت علي جي شھادت واري ڏينهن جي موقعي تي سکر انتظاميه پاران سکر جي مرڪزي امام بارگاه کان ماتمي جلوس جي گذرندڙ رستن کي خاردار تارون۔ڪناتون ۽ بيريڪيڊس لڳائي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب عزادارن کي آمد و رفت ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. سکر انتظاميا پاران سڪيورٽي پلان تحت ممڪن خطرن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.