سکر:پاڪستان پيپلز پارٽي سکر جي سينيئر ورڪر سيد ذاهد حسين شاھ بخاري چيو آھي ته موجودا مهانگائي جو ذميوار عمران خان آھي جنهن موجودا حڪومت جي ڳچي ۾ مهانگائي جو هار وڌو جنهن سبب عوام ڀوڳي رهيو آھي عمران خان جي ڪيل غلط فيصلن سبب اڄ ملڪ جو عوام پريشان آھي اهڙو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ذاهد شاھ ڀخاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد عوامي پارٽي آھي جنهن همشه عوام جي خدمت ڪئي آھي پيپلز پارٽي جو هر ورڪر عوامي خدمتگار آھي شھيد راڻي جي نالي سان هلندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڪروڙين عورتن کي مالي سپورٽ ٿي اهي آھي گزريل حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي بند ڪري غريب عورتن جون بد دعائون ورتون۔جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پ پ سينيٽر اسلام دين شيخ۔ايم اين اي نعمان اسلام شيخ۔ارسلان اسلام شيخ ۽ ٻي قيادت جي عوامي خدمت واري جذبي تحت عوام جي خدمت ڪري رهيا آھيون۔پيپلز پارٽي عوام جي خدمت جو نالو آھي۔پي ٽي آئي حڪومت عوام کي مشڪلاتن کانسواء ڪجھ به نه ڏنو۔عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آھي۔