سکر:پ پ اڳواڻ ۽ سرمائيدار اياز احمد مهر ۽ سندس ڊرائيور غلام علي جي بازيابي لاء ٻٻرلوء باء پاس تي وڏي انگ ۾ ماڻهن جو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي ڌرڻو۔اياز احمد مهر ۽ سندس ڊرائيور کي ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو آهي واقعي جو ڪيس به داخل ڪرايو ويو آهي: ڊاڪٽر نويد مهر ان موقعي تي ايز احمد مهر جي ڀاء ڊاڪٽر نويد مهر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽي ڏينهن گذري ويا آهن ڀاء اياز احمد مهر جو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو جنهن به ادا اياز احمد مهر کي اغوا ڪيو آھي ظاهر ڪيو وڃي پيپلزپارٽي قيادت نوٽيس وٺي کيس آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ۔جيستائين اياز احمد مهر کي ظاهر يا آزاد نٿو ڪيو وڃي احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ويندو ڌرڻي ۾ اسٽيپ فائونڊيشن چئر پرسن ميڊم شاعستا بلوچ۔جي يو آء سميت ٻين سياسي۔ سماجي۔مذھبي تنظيمن جي ڪارڪنن۔اڳواڻن ۽ مهر برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ شامل هو۔