سکر: اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) انتظاميا جا ڪرپٽ آفيسر وفاقي حڪومت جي بجلي پيداوار، توانائي ۽ پاڻي جي فراهمي کي وڏو ڌڪ ۽ نقصان پهچائڻ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سيپڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو انجنيئر، اي سي، ايڪسين ۽ ٻين اعلا عملدارن سميت لائين مين صارفين کي بجلي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن.

سکر: اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) انتظاميا جا ڪرپٽ آفيسر وفاقي حڪومت جي بجلي پيداوار، توانائي ۽ پاڻي جي فراهمي کي وڏو ڌڪ ۽ نقصان پهچائڻ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سيپڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو انجنيئر، اي سي، ايڪسين ۽ ٻين اعلا عملدارن سميت لائين مين صارفين کي بجلي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن. سيپڪو انتظاميا پرائيويٽ ماڻھن جي مدد سان سکر ضلعي سميت خيرپور، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، نوشهروفيروز ۽ ٻين ضلعن ۾ ٽيوب ويلن، نجي فيڪٽرين، ڪمرشل سينٽرن ۾ بجلي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهن، بجلي چوري ٿيڻ سبب سيپڪو عملدار لائين لاسز پورا ڪرڻ لاءِ شهر۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن، جنھن سبب سکر جو عوام رمضان شريف جي ڀلاري مهيني۾ به پريشان آهي. سکر ۾ سب ڊويزن 4 شمس آباد جي مختلف علائقن ۾ سيپڪو جا راشي آفيسر بجلي جا پول به وڪڻي کائي ويا آهن، سيپڪو سب ڊويزن 4 ۾ مقرر فرحان علي ماڪو، احمد علي ۽ ٻيا سکر جي شهرين کان بجلي چوري جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ماهوار ڪمائي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت پاڪستان کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، سکر شهر سميت قريشي ڳوٺ، صالح پٽ، روھڙي ۽ ٻين علائقن ۾ سيپڪو عملدار ڪروڙين رپين جي چوري ۾ ملوث آهن. جڏهن ته سيپڪو جي ڪرپٽ ۽ راشي عملدارن بجلي چوري ڪرڻ لاءِ پرائيويٽ ماڻھو مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جن جي مدد سان اھڙو ڪڌو ڪم جاري آهي،