سکر: بلديا الاٽيز الائنس ۽ وڪٽوريا مارڪيٽ جي صدر شمس الرحمان عرف ملنگ بابا چيو آهي ته ماڻهون هر ٽن مهينن کانپوءِ پنهنجي رت جو عطيو ڏين، ان عمل سان ماڻهن جون جانيون بچي سگهن ٿيون

سکر: بلديا الاٽيز الائنس ۽ وڪٽوريا مارڪيٽ جي صدر شمس الرحمان عرف ملنگ بابا چيو آهي ته ماڻهون هر ٽن مهينن کانپوءِ پنهنجي رت جو عطيو ڏين، ان عمل سان ماڻهن جون جانيون بچي سگهن ٿيون، ان ڪري جيترو ٿي سگهي شهري اهو ڪن.اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر بلڊ بئنڪ جنرل اسپتال پاران گذريل ڏينهن ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارن جون زندگيون بچائڻ لاءِ لڳايل موبائل بلڊ عطيو ڪيمپ دوران ڪيمپ انچارج لالا ڪاشف پٺاڻ ۽ ٻين آرگنائيزرن سان ملاقات ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ لالا ياسر، سماجي ورڪر ميڊم عذرا جمال ۽ ٻيا پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. گڏجاڻي ۾ ڪيمپ انچارج لالا ڪاشف وفد کي ٻڌايو ته رمضان المبارڪ دوران رت جو عطيو گهٽ ٿي ويندو آهي جنهن ڪري ٿليسيميا جي مريضن کي رت جي فراهمي گهٽ ٿي ويندي آهي، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران هو موبائل ذريعي عطيو گڏ ڪري رهيا آهن. سکر ۽ ٻين شهرن ۾ رت جو عطيو ڏيڻ جي خدمت ۾ معصوم ٻارن جي زندگين کي بچائڻ لاءِ،وفد۾ موجود شمس الرحمان عرف ملنگ بابا۔ميڊم عذرا جمال ۽ ٻين بلڊ عطيو ڪئمپ انچارج لالا ڪاشف کي پنهنجي ڀرپور مدد جو يقين ڏياريو ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته هو ٿلهيسيميا ۾ مبتلا ٻارن جون زندگيون بچائڻ لاءِ رت عطيو ڪري معصوم ٻارن جي زندگيون بچائڻ لاء ڪردار ادا ڪن۔